صوفي شرف الدين شرف

صوفي شرف الدين ‘شرف’: ڪافي جو مشهور شاعر شرف الدين صوفي مٺياڻي شهر جي ڀرواري ڳوٺ جو رهاڪو هو. سندس هڪ ڪافي ڏاڍو مشهور هئي. “بي زار برابر مئن اَن ٻانهي ٻاروچل دي”. ويهين صدي عيسويءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ وفات ڪيائين. اندازن 1900ع ڌاري ڄائو. محمد فقير کٽياڻ سان صحبتون ڪيائين. سندس هيٺيون ڪلام محمد فقير جي ڪافي جي طرز تي چيل آهي. 400 کان وڌيڪ ڪافيون چيائين. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
الله نال عاشق دم اور ويندي،
سٽ ساجن تون سر گهور ويندي،
سالڪ صورت ڪون سجدا صاف ڪرن،
صاحب سي نه ڪڏهن بکان ڪاٽ مرن،
تسبيح تال والي ڇن ڇوڙ ڌرن،
مڻيا مونجهه والا ڀن ڀور ويندي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو